احسان فقير لانگاهه

احسان فقير لانگاهه: احسان فقير لانگاهه بابت تسلي بخش احوال نٿو ملي. شاهه جي رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾ سندس بيت ملن ٿا. 1920ع ۾ مخدوم محمد صالح ڀٽي هالائيءَ، ’ڪيڏارو‘ نالي ڪتابڙي ۾ ڪن شاعرن جا بيت گڏ ڪيا، جن ۾ احسان فقير جا بيت پڻ شامل آهن. ٻانهي خان شيخ جي ترتيب ڏنل شاهه جي رسالي ۾ پڻ شروعاتي صفحن ۾ سر ڪيڏاري تي بحث ڪندي سندس نالو ذڪر هيٺ آيو آهي. هڪ روايت موجب احسان فقير لانگاهه، سيوهڻ جو ويٺل هو، جو پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. نِيرَ جو ڪم ڪندو هو. مصري شاهه نصرپوريءَ سان سندس صحبت هئي. 1315هه/1897ع ۾ وفات ڪيائين.


لفظ احسان فقير لانگاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1315.00.00  هجري

احسان فقير: 1315هه/1897ع ۾ وفات ڪيائين .


1897.00.00  عيسوي

احسان فقير: 1315هه/1897ع ۾ وفات ڪيائين .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اميد خيرپوري
دانش اياز
ڀرڳڙي مشتاق
باشو 1
چانڊيو عبدالله ’اثر‘
سچل سرمست
صفي الله فدا علوي
سدارام ڀڳت
حافظ حامد ٽکڙائي
رفيق وقار کهڙو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون